شير بيگ بن علي شير ارغون جي مزار

شير بيگ بن علي شير ارغون جي مزار: ارغون ترخان دور سان واسطو رکندڙ هيءَ مزار تورڪيءَ جي قبرستان ۾ واقع آهي. مير ابوالقاسم سلطان جي پيرانديءَ کان ٻه مزارون آهن، جيڪي پڻ زرد پٿر جون ٺهيل آهن. انهن مزارن تي پڻ قرآني آيتون ۽ شعر ڏنل آهن. مرزا شير بيگ، شاهه قاسم خان زمان جو نياڻو هو. هيءُ ڪنهن معرڪي ۾ 1030 هجريءَ ۾ شهيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو